وَرَسُولًا إِلَىٰ بَنِي إِسْرَائِيلَ أَنِّي قَدْ جِئْتُكُمْ بِآيَةٍ مِنْ رَبِّكُمْ ۖ أَنِّي أَخْلُقُ لَكُمْ مِنَ الطِّينِ كَهَيْئَةِ الطَّيْرِ فَأَنْفُخُ فِيهِ فَيَكُونُ طَيْرًا بِإِذْنِ اللَّهِ ۖ وَأُبْرِئُ الْأَكْمَهَ وَالْأَبْرَصَ وَأُحْيِي الْمَوْتَىٰ بِإِذْنِ اللَّهِ ۖ وَأُنَبِّئُكُمْ بِمَا تَأْكُلُونَ وَمَا تَدَّخِرُونَ فِي بُيُوتِكُمْ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَةً لَكُمْ إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
امروٽي
۽ (اُن کي) بني اسرائيلن ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليندو، (عيسىٰ وڏو ٿيو ۽ چيائين ته) مون اوھان جي پالڻھار وٽان نشاني آندي آھي، ته آءٌ اوھان لاءِ مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو (بوتو) بڻائيندس پوءِ منجھس ڦوڪيندس ته الله جي حُڪم سان پکي ٿيندو، ۽ (ماءُ ڄاول) اَنڌي ۽ ڪُوڙھي کي ڇُٽائيندس ۽ الله جي حُڪم سان مُئي کي جياريندس، ۽ جيڪي کائيندا آھيو ۽ جيڪي پنھنجن گھرن ۾ سانڀيندا آھيو سو اوھان کي ڏسيندس، جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو ته اوھان لاءِ اُن ۾ نشانيون آھن.
: